سيد عبدالحسين موسوي

سيد عبدالحسين موسوي

سيد عبدالحسين موسوي

سيد عبدالحسين موسوي: اديب، استاد عبدالحسين شاهه موسوي ولد سيد وڌيل شاهه موسوي، 2 جنوري 1902ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم روهڙيءَ جي مشهور استاد قاضي ميان غلام مهديءَ کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان ۽ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. ڪاليج مان بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. ٽي جو امتحان پاس ڪري آيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ استاد ٿي رهيو، جتي پنهنجي قابليت ۽ ذهانت سان تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪيائين. ان دور ۾ سنڌ اندر ميرپور خاص، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ وڏا وڏا هاءِ اسڪول قائم ٿيل هئا، جتي نهايت ئي قابل ۽ محنتي استادن کي موڪليو ويندو هو. شاهه صاحب کي به انهن تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جو شرف حاصل رهيو. سيد عبدالحسين موسويءَ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ هڪ ڪامياب منتظم واري حيثيت کان متاثر ٿي، کيس ان وقت سنڌ ۾ قائم ٿيل مسلم اسڪولن جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. آخر ۾ ڪراچيءَ جي ’سنڌ مدرسة الاسلام‘ جو پرنسپال مقرر ٿيو، جتان کيس ترقي ڏئي پهرين حيدرآباد ڊويزن ۽ پوءِ سکر ڊويزن جو ايڊيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. آخر ۾ انهيءَ عهدي تان 1957ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ شاهه صاحب حياتيءَ جا باقي ڏينهن مطالعي ۽ تصنيف و تاليف ۾ گذاريا.
سـنـدس تـصنيـفـن ۾: (1) ’تعريف ۽ تقطيع‘، (2) ’جاميٽري‘،
(3) ’تاريخ اسلام‘، (4) ’سڳنڌ‘، (5) ’ديوان بيدل‘، (6) ’سرهاڻ‘،
(7) ’ديوان بيڪس‘، (8) ’وکريل وٿون‘ ڪتاب شامل آهن.
سيد عبدالحسين شاهه موسوي ميرڪ سبحان علي شاهه جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڪو اولاد ڪو نه ٿيو.
شاهه صاحب 5 شوال 1386هه بمطابق 17 جنوري 1967ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.01.02  عيسوي

اديب، استاد عبدالحسين شاهه موسوي ولد سيد وڌيل شاهه موسوي، 2 جنوري 1902ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو.


1967.01.17  عيسوي

سيد عبدالحسين موسوي 5 شوال 1386هه بمطابق 17 جنوري 1967ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انعام شيخ
دين محمد ڪلهوڙو ڊاڪٽر
صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي
آنند کيماڻي
زيب ڀٽي
شان الحق حقي
راشدي مهتاب اڪبر
زبير سومرو
شاهه محمد گاڏهي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون